صالح حاجاڻو

صالح حاجاڻو: اتر سنڌ جي مشهور ملهه پهلوان صالح حاجاڻي جو پورو نالو محمد صالح حاجاڻو آهي. سندس تعلق ڳوٺ عاقل، ضلعي لاڙڪاڻي سان اٿس. هن کي ملهه جو شوق پنهنجن وڏن کان ورثي ۾ مليو. سندس خاندان ۾ ڪيترائي ملهه پهلوان رهيا آهن، جڏهن ته سندس ڀاءُ غلام حسين ۽ ڀائٽيو غلام قمبر پڻ سندس جوڙ جا پهلوان آهن. هن ملهه جي سکيا الهڏني گوادري کان ورتي، جنهن کيس شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌي ملهه وڙهڻ جي اجازت ڏني. هن ٽئي جوڙ ۾ مقامي ملاکڙن ۾ ڪيترن ئي پهلوانن سان مقابلا ڪري سرسي حاصل ڪئي. جنهن بعد ٻئي جو ڙ ۾ شامل ٿيو. هن شير ميربحر، شير گوپانگ، قلب علي جتوئي، يڪي خاصخيلي، غوث بخش ڪلهوڙي، جمعدار رحيم سميت ڪيترن ئي مقبول پهلوانن سان مقابلا ڪيا. کيس ڪيترائي انعام پڻ مليل آهن. پاڻ هميشه اتر جي پهلوانن کي ملهه جي سکيا ڏنائين. سندس شاگردن مان سومر ميربحر گهڻو مقبول ٿيو. هن جو هڪ پنهنجو گروپ هوندو هو، جيڪو ‘حاجاڻي جي ٽولي’ جي نالي سان ڪافي مقبول ٿيو. صالح حاجاڻي لاڳيتو 25 سال ملهه وڙهڻ کانپوءِ 1981ع ڌاري ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏني.


لفظ صالح حاجاڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو